سنڌ هاءِ ڪورٽ 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ ءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي 19 سيپٽمبر جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

Sindh-high-court-02

سنڌ هاءِ ڪورٽ 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ ءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي 19 سيپٽمبر جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت شهري شمشاد جي بازيابي بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او مومن آباد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت شهري شمشاد جي بازيابي جي حوالي سان رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او مومن آباد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت سيد مرتضيٰ ۽ ٻين جي گمشدگي بابت آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، گهرو وزارت ۽ ٻين کي 19 سيپٽمبر تائين جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*