قمبر ۾ ٻار کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ شهرين عورت کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيوآهي

kamber women

قمبر ۾ ٻار کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ شهرين عورت کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيوآهي.

قمبر جي علي خان پاڙي ۾ شهرين هڪ عورت کي ٻن سالن جي ٻار تنوير وڌو کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ پڪڙي پوليس حوالي ڪيو.

شهرين جو چوڻ هو ته عورت ٻار کي اغوا ڪرڻ لاءِ زبردستي کنيو ته کيس پڪڙيو ويو.

قمبر پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجو نالو بلقيس زال سليم بليدي  ويٺل ڳوٺ لاکا بليدي ٻڌايو آهي.

پوليس موجب عورت جو چوڻ آهي ته هو قمبر جي علي خان پاڙي ۾ تعويذ ڪرائڻ لاءِ آيل هئي، هن ٻار کي گهر جو پتو  پڇيو ته شهرين کيس پڪڙيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*