عمران خان جي شادي سندن زندگي ۾ به سٺي تبديلي آڻي ڇڏي آهي مخدوم جاويد هاشمي

بُزرگ سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته عمران خان جي شادي سندن زندگي ۾ به تبديلي آڻي ڇڏي آهي، هاڻي سندس زال اڳي کان وڌيڪ سندس خدمت ڪري ٿي، ، فوجي عدالتون جي قيام سان فوج تي وڏو بار اچي ويو آهي.

ملتان ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته عمران خان سان سٺا لاڳاپا آهن، جيڪڏهن هو وليمي جي دعوت ڏيندو ته ضرور شرڪت ڪندس.

هن چيو ته فوجي عدالتون قائم ڪري فوج تي وڏو بار وڌو ويو آهي، فوجي عدالتن جا اڪثر فيصلا تڪراري بڻايا ويندا آهن.

جاويد هاشمي چيو ته عمران خان جي شادي سندن زندگي ۾ به سٺي تبديلي آڻي ڇڏي آهي، هاڻي سندس زال اڳي کان وڌيڪ سندس خدمت ڪرڻ لڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*