شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ پوليس جي ڀرتي جاري آهي، اميدوارن الزام هنيو آهي

Nawabsha POLICE

 شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ پوليس جي ڀرتي جاري آهي،  اميدوارن الزام هنيو آهي ته  من پسند اميدوارن کي ڊوڙ جي آخري حصي ۾ شامل ڪري انهن کي پاس ڪيو پيو وڃي.

شهيد بينظير آباد ۾ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ آيل اميدوار  ڇانو ۾ ويهڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جو ڪو به بندو بست نه هجڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏنو.

اميدوارن انتظاميه تي الزام هنيو آهي ته پوليس جي ڀرتين ۾ اقربا پروري لڳي پئي آهي، من پسند اميدوارن کي موبائل گاڏي ۾ کڻي ڊوڙ جي پڄاڻي واري جاءِ پهچائي کين سڀني کان اڳ پاس ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*