دادو جي ڪاڇي ۾ جابلو پٽي ۾ برسات کانپوءِ نئين گاج تي ٺهيل پل جا پاسا لڙهي وڃڻ ڪري ڇني ۽ ٽنڊو رحيم شهرن سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوهي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي

dadu-map

   دادو جي ڪاڇي ۾ جابلو پٽي ۾ برسات کانپوءِ نئين گاج  تي ٺهيل پل جا پاسا لڙهي وڃڻ ڪري ڇني ۽ ٽنڊو رحيم شهرن سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوهي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

ڪاڇي جي جابلو پٽي ۾ برسات پئي آهي، جنهن ڪري نئين گاج جي وهڪري ۾ واڌ اچي وئي آهي، نئين گاج جي تيز وڪري ۾ پل جا ڇني شهر واري طرفا جا پاسا لڙهي ويا آهن.

ٻئي طرف  نئين نلي به پاڻي سان تار ٿي وئي آهي، نئين تي پل نه هجڻ ڪري رستماڻي روڊ ٻڏي ويو آهي، جنهن ڪري 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*