ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج 12 مئي سانحي جي ٻن ڪيسز جو چالان منظور ڪندي ٻئي ڪيس اي ٽي سي نمبر 3 ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا

karachi map

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج 12 مئي سانحي جي ٻن ڪيسز جو چالان منظور ڪندي ٻئي ڪيس اي ٽي سي نمبر 3 ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا، ٻنهي ڪيسز ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سميت ٻين مٿان ڀڃ ڊاهه ۽ هنگامي جا الزام ڪيس داخل آهن.

پوليس ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ۽ ٻين خلاف داخل 12 مئي سانحي جي ٻن ڪيسز جو چالان اي ٽي سيز جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو، جيڪو عدالت جائزو وٺڻ کانپوءِ منظور ڪري ورتو.

اي ٽي سي جج ٻئي ڪيسز ٻڌڻيءَ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 3 ڏينهن منتقل ڪري ڇڏيا.

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ۽ ٻين مٿان 12 مئي 2007ع تي شهر جون حالتون خراب ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه، هنگامي جا الزام آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*