وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ 25 سال پراڻا الزام ورجايا آهن

Pervaiz-Rasheed-27816

وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ 25 سال پراڻا الزام ورجايا آهن، وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي، هميشه ان تي قائم رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته تحريڪ انصاف پاران وزير اعظم نواز  شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف داخل درخواست ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي.

هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف پاناماليڪس تي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي پٽيشن بدنيتي تي ٻڌل آهي.

هن چيو ته حڪومت پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اپوزيشن جماعتون غلط پروپيگنڊا ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي، هميشه ان تي قائم رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي پٽيشن جو جواب وڪيل جي ذريعي ڏنو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*