حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا آهن، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

hyd court

حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا  آهن، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سيشن ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل جمن خان ۽ سندس ڀاءُ نديم خان جو سندن سالي سان ڀيڻ کي روڪڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي بعد 5 هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جمن خان ۽ سندس ڀاءُ نديم خان مارجي ويا، ان دوران پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار ظهير ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻيا جوابدار ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

حيدرآباد سيشن ڪورٽ ڀرسان قتل ٿي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش سول اسپتال پهچايا ويا آهن.

پوليس موجب قتل ٿي ويل ٻئي ڀائر گهمن آباد جا رهواسي آهن، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي،ٻين جي گرفتاري لاءِ ڪارراوئي ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*