سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر نئون موڙ اچڻ وارو آهي

lahore ehtizaz

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر نئون موڙ اچڻ وارو آهي، متحده سربراهه خلاف ملڪ دشمن تقريرن واري معاملي تي وفاقي سرڪار برطانيه سان رابطو ڪري، فاروق ستار رينجرز تحويل ۾ وڃڻ کان اڳ لاتعلقي جو اظهار ڪري ها ته بهتر هو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته پاناماليڪس اسڪينڊل عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي، نواز سرڪار کي فرار ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

هن چيو ته حڪومت نواز شريف کي بچائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي، ڀلي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون وڃن، نواز شريف جو احتساب اڻٽر آهي.

اعتزاز احسن چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه جي پاڪستان مخالف بيانن کانپوءِ نواز سرڪار کي برطانوي حڪومت سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار رينجرز وٽ وڃڻ کان اڳ لاتعلقي ڪري ها ته سٺو هو، هاڻي معاملا سنگين ٿي ويا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*