خيبرپختونخواهه جي علائقي لوئر دير ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ شاد نواز تي قاتلاڻي حملي جي نتيجي ۾ ان جو ڀاءُ ۽ 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا

jamat

خيبرپختونخواهه جي علائقي لوئر دير ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ شاد نواز تي قاتلاڻي حملي جي نتيجي ۾ ان جو ڀاءُ ۽ 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا.

لوئر دير جي علائقي رباط ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ شاد نواز جي قافلي تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شاهد نواز محفوظ رهيو پر سندس ڀاءُ ۽ پوليس 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا.

پوليس جي جوابي فائرنگ کانپوءِ حملي آور پنجگوڙه درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن جي ڳولها جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته حملي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته مارجي ويل اهلڪارن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*