سري لنڪا ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ جاري پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ ۾ آسٽريليا هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ميزبان ٽيم کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي

Aus-Sri-29816

سري لنڪا ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ جاري پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ ۾ آسٽريليا هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ميزبان ٽيم کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

سريلنڪن شهر دمبولا ۾ کيڏي ويل ٽين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بِيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سري لنڪن ٽيم 49 ڏهائي 2 اوورس ۾ 226رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ، جنهن ۾ چندي مل 102رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته تلڪا رتني دلشن 42 رنز جي اننگ کيڏي.

آسٽريلوي ٽيم پاران زامپا 3، فالڪنر،مچل اسٽارڪ ۽هاسٽنگ ٻه-ٻه ،جڏهن ته هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آسٽريليا سري لنڪا پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 227رنز جو ٽارگيٽ 46 اوورس ۾ 8 وڪِيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

آسٽريليا پاران جارج بيلي 70،ميٿيو ويڊ 42،ٽريوس هيڊ36۽ آرون فنچ 30رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سري لنڪا پاران اينجلو ميٿيوز،اپونسا، دلرو وان پريرا ٻه-ٻه ،جڏهن ته پرسنا ۽ڊي سلووا هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جارج بيلي کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*