تحريڪ انصاف جَي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سمورا ادارا تباهه ڪري رهيو آهي

imran khan talk

تحريڪ انصاف جَي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سمورا ادارا تباهه ڪري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن نون ليگ ڪميشن بڻجي چڪي آهي، 7 سيپٽمبر تي وزيراعظم خلاف ريفرنس بابت چيف اليڪشن ڪمشنر جو امتحان هوندو.

بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هــُـو جيل ۾ 8 ڏينهن رهيو ته کيس سڀ غريب نظر آيا، ڪو به امير جيل ۾ بند نه هو، سڀ ڦورو ۽ ڌاڙيل پارليامينٽ ۾ ويٺل آهن.

عمران خان چيو ته وزيرا عظم نواز شريف خلاف اليڪشن ڪميشن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، اعليٰ عدليه کي نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ جا اختيار حاصل آهن.

سندس چوڻ هو ته پاناماليڪس تي دنيا جاچ ڪري چڪي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اڃا تائين شروع ئي ناهي ٿي سگهي.

عمران خان چيو ته وزيراعظم نوازشريف پاناماليڪس تي پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو، رڳو هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ سمورن ادارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ قومي احتساب بيورو مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر کي اهو تاثر ختم ڪرڻو پوندو ته اليڪشن ڪميشن نون ليگ جي ونگارو  نه آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، 7سيپٽمبر تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جو امتحان آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*