پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

Pak-Vs-Eng-29816

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت قومي ٽيم کي 44رنز تان شڪست ڏني هئي، جنهن بعد ٻي ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم کي 4 وڪيٽن تان شڪست نصيب ٿي ۽ اهڙي طرح ميزبان ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل آهي.

سڀاڻي رٿيل ٽين ۽ اهم ون ڊي ميچ ۾ جيڪڏهن انگلينڊ فتح ماڻي ته هو سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي رٿيل ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

انگلينڊ جي شهر ناٽنگهم ۾ قومي ٽِيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*