لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي ٻن گروپن ۾ تڪرار بعد پورهيتن جي هڪ گروپ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

larkana protest

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي ٻن گروپن ۾ تڪرار بعد پورهيتن جي هڪ گروپ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

وطن دوست مزدور فيڊريشن جي هڪ گروپ جي پورهيتن بخت سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پورهيتن جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي بخت سولنگي الزام هنيو ته وطن دوست مزدور فيڊريشن جي منظور اهير پورهيتن فنڊن ۾ گهوٻيون هنيون آهن.

هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پورهيتن جي فنڊن ۾ گهوٻين جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*