ڪراچي جي مڪا چوڪ جو نالو تبديل ڪري شهيد ملت لياقت علي خان چوڪ رکڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

kkhi mqm pics

 ڪراچي جي مڪا چوڪ جو نالو تبديل ڪري شهيد ملت لياقت علي خان چوڪ رکڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ڪي ايم سي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي علائقي عزيز آباد جي مڪا چوڪ جو نالو تبديل ڪري شهيد ملت لياقت علي خان چوڪ رکيو ويو آهي.

 ڊاڪٽر فاروق ستار جي ناظمي واري دور دوران 1991 ۾ مڪا چوڪ جي تعمير ڪئي وئي هئي، جنهن بعد 2009 ۾ مصطفيٰ ڪمال پاران مڪا چوڪ جي مرمت ڪرائي وئي هئي.

واضح رهي ته ملڪ دشمن تقريرن کانپوءِ مڪا چوڪ ۽ جناح گرائونڊ تان متحده سربراهه جون تصويرون ۽ پوسٽر پڻ لاٿا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*