گمبٽ جـِي عدالت، پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي طاهره شاهه ۽ ڪامران لاڙڪ کي زهر پيئارڻ واري ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي
گمبٽ جـِي عدالت، پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي طاهره شاهه ۽ ڪامران لاڙڪ کي زهر پيئارڻ واري ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي.
گمبٽ جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ هنڱورجا ۾ پسند جي پرڻي تان وارثن پاران زهر ڏنل جوڙي ڪامران لاڙڪ ۽ طاهره شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻيءَ دوران ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ناري طاهره شاهه جي پيءُ احسن شاهه سميت 4 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.
پوليس ڪيس جو چالان پيش نه ڪيو ۽ عدالت کي استدعا ڪئي ته چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.
عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي ڪيس ۾ جوابدار احسن شاهه، شمشاد شاهه ۽ نادر شاهه تحسين شاهه سميت 4 جوابدارن جي جڊيشل رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته هنڱورجا ۾ پسند جي پرڻي تان ناري طاهره شاهه ۽ سندس ور ڪامران لاڙ کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن بعد نوجوان ڪامران لاڙڪ چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو…..
Ap Ki newz s him bhot khush ho hai but kB kB ap bhot pyer nezwz DAT ho