لاڙڪاڻي مان پوليو جا ڦڙا پيئارڻ بهاني اغوا ڄاڻايل نينگر گهر پهچي ويو آهي

ghotki agwa

لاڙڪاڻي مان پوليو جا ڦڙا پيئارڻ بهاني اغوا ڄاڻايل نينگر گهر پهچي ويو آهي،  ٻارن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ قمبر، گهوٽڪي ۽ مٺي مان هڪ عورت سميت 3 ڄڻن کي سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي مان ڪو به ٻار اغوا نه ٿيو هو، پر کيس پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پوليو ورڪرز جي ٽيم پاڻ سان وٺي وئي هئي.

هن چيو ته نينگر علي رضا کي پوليو ٽيم جا ورڪر ڦڙا پيارڻ بعد کيس ريلوي بند واري علائقي ۾ اُتي ئي ڇڏي ويا جتان کيس وٺي ويا هئا.

ان کان اڳ نينگر علي رضا ميمڻ کي پوليو ڦڙا پيئارڻ بهاني اغوا ڪرڻ جا اطلاع مليا هئا.

قمبر جي علي خان پاڙي ۾ شهرين هڪ عورت کي ٻن سالن جي ٻار تنوير وڌو کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ پڪڙي پوليس حوالي ڪيو.

قمبر پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجو نالو بلقيس زال سليم بليدي ٻڌائي رهي آهي، جيڪا ڳوٺ لاکا بليدي جي رهواسڻ آهي.

پوليس موجب عورت جو چوڻ آهي ته هو قمبر جي علي خان پاڙي ۾ تعويذ ڪرائڻ لاءِ آيل هئي، هن ٻار کان گهر جو پتو  پڇيو ته شهرين کيس پڪڙيو آهي، هُن بار کي اغوا ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي.

گهوٽڪي جي مدرسي قاسم العلوم مدرسي ۾ ڪٿابين شڪي شخص کي پڪڙي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد بعد اي سيڪشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

مدرسي جي ڪٿابي عبدالصبور جو چوڻ هو ته شڪي شخص  هڪ ڪٿابي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن تي کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي.

اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته پڪڙيل شخص چريو آهي ۽ پنجاب جو رهواسي  آهي.

 مٺي جي لوهار پاڙي ۾ لوهارن جو ٻار اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ پاڙيوارن هڪ شخص کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*