سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ ۾ مختيار ڪار جي عهدي تي مقرر 37 ننڍن ملازمن کي هٽائي کين اصل عهدن تي موڪليو ويو آهي

hyd car

سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ ۾ مختيار ڪار جي عهدي تي مقرر 37 ننڍن ملازمن کي هٽائي کين اصل عهدن تي موڪليو ويو آهي، جڏهن ته اي سي ون ۽ اي سي ٽو جو امتحان پاس ڪرڻ بنا وڏن عهدن تي مقرر آفيسر اڃا تائين پنهنجن عهدن تي برقرار آهن.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم بعد سنڌ ۾ چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪرڻ بنا ننڍن عهدن تان ترقي ماڻي مختيار ڪار مقرر ٿيل 37 آفيسرن کي هٽائي سندن اصل عهدن تي موڪليو ويوآهي.

مختيار ڪار جي عهدن تان هٽايلن ۾ ذوالفقار شاهاڻي، رضا حسين بڙدي، مظهر علي مڱڻهار، دلبر حسين، نياز حسين ابڙو، غضنفر عباسي، اسماعيل نندواڻي، منظور جوکيو، شاهد علي مغل، نياز علي مڱڻيجو، مظهر علي ڇڄڙو، حسين زرداري، بشير ڪنراڻي، حاڪم علي هنڱورو ۽ عاشق زرداري شامل آهن.

مختيار ڪار جي عهدي تي ڪم ڪندڙ  بچل ملاح، سليم، ذاڪر علي، آصف شورو، سليم جمالي، منظور احمد ملڪ، امان الله شيخ، راحيل احمد شاهه، عزيز بوزدار، محمد علي ڪلوڙ، غلام اظهر، ڪامران ميمڻ، عبدالغفور سميجو، شوڪت جوڻيجو، امان الله نندواڻي، نور نبي ڀرڳڙي، غلام حسين ڪلوڙ، سڪندر علي رند، جميل احمد جتوئي، اخلاق جوڻيجو، حسين ڪولاچي ۽  عبدالحفيظ کوسو کي به هٽايو ويو آهي.

مختيار ڪار جي عهدي تان هٽايلن ۾ 11 تپيدار ۽ سپروائيزنگ تپيدار، 9 ڪلارڪ ۽ سينيئر ڪلارڪ، 10 اسسٽنٽ ۽ ٻيا شامل آهن.

سپريم ڪور ٽ جي حڪم بعد صرف ننڍن عهدن تان مختيار ڪار ٿيلن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته اي سي ون ۽ اي سي ٽو جو  امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ 55 آفيسر پنهنجن عهدن تي برقرار آهن، جن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*