سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي انتطاميه پاران ضابطن جي ڀڇڪڙي ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو

سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي انتظاميا پاران مختلف شين جي خريداري ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم رضا جلباڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي آڊٽ پيراز جو جائزو ورتو ويو.

تعليمي بورڊ پاران اسٽيشنري، وهيڪل الائونس ۽ ريزيڊنٽس الائونس ۾ رولس کي نظر انداز ڪري 2 ڪروڙ رپين جي رقم خرچ ڪرڻ تي ڪميٽي سخت ناراضگي جو اظها ڪيو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته هو وڏي وزير سان ملاقات دوران يونيورسٽي ۽ تعليمي بورڊ جي انتظاميا کي قائدن تي عمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي ڳالهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*