نئين ديري مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر ساحل ڪوريجي کي هڪ سال گذرڻ باوجود پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي

neoudo

نئين ديري مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر ساحل ڪوريجي کي هڪ سال گذرڻ باوجود پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ٻارڙي جي  ڏاڏي ۽  پيءُ قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو، نينگر جي وارثن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ساحل کي بازياب ڪرائڻ لاءِ31 آگسٽ تي شٽربند هڙتال ڪري سندن مدد ڪئي وڃي.

نئون ديرو مان هڪ سال اڳ اغوا ٿي ويل ساحل والد ظهور احمد ڪوريجو ۽ ڏاڏي مائي وحيده خاتون قرآن پاڪ کڻي شهر جو گشت ڪيو.

هنن چيو ته سندن معصوم ساحل ڪوريجو کي اغوا ٿئي هڪ سال گذري ويو آهي پر پوليس سندس بازياب لاءِ ڪو به سهڪار نه پئي ڪري.

هنن شهرين، واپارين ۽ دوڪاندارن کي اپيل ڪئي ته، ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ 31هين اگسٽ تي شٽربند هڙتال ڪئي وڃي.

مغوي ٻارڙي ساحل جي والد سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ کي فوري طور تي بازياب ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*