ملڪ کي ڪرپٽ ۽ اشرافيه جي نظام کان آجو ڪرائڻو آهي امير جماعت اسلامي سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، 21 هين آئيني ترميم کي قومي ايڪي لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته 67 سالن جي تاريخ ۾ حڪمرانن پاڪستان سان بيوفائي ئي ڪئي آهي، جماعت اسلامي ملڪ جي بهتري لاءِ پروگرام بڻائي رهي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم نواز شريف کي مينڊيٽ ڏنو پر حڪومت جي هٽي ڌرمي اڃا برقرار آهي.

هن چيو ته جهڙي طرح 21 هين آئيني ترميم جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان تڪڙي ۾ منظور ڏني وئي، ملڪي تاريخ ۾ ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي.

سراج الحق چيو ته 21 هين آئيني ترميم ۾ رڳو مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو لفظ شامل ڪري دهشتگردن لاءِ دروازا کوليا آهن.

هن چيو ته حڪومت مدرسن خلاف ڪارروائي جو سوچي رهي آهي، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ پڙهندڙ 30 لک نوجوانن جي مستقبل کي پڻ خطرو آهي.

جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ڪرپٽ ۽ اشرافيه جي نظام کان آجو ڪرائڻو آهي، حڪمرانن 67 سالن جي تاريخ ۾ ملڪ سان بيوفائي ئي ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*