جيڪڏهن سندس نالو وزڊن جي پنج بهترين ڪرڪيٽرز ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته اهو ان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه هوندي, پاڪستان ٽِيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق

Misbah-30816

پاڪستان ٽِيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته جيڪڏهن سندس نالو وزڊن جي پنج بهترين ڪرڪيٽرز ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته اهو ان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه هوندي.

مصباح الحق بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سندس هميشه ڪوشش رهي آهي ته هو پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سبب ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي.

هن چيو ته جيڪڏهن وزڊن يا اهڙي طرح ٻيا اعزاز زندگي ۾ ملن ته وڏي خوشي ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ جو انهن کي توهان هميشه ياد رکوٿا پر فخر به محسوس ٿيندو آهي.

پاڪستان جا 15 ڪرڪيٽرز هن وقت تائين وزڊن جي پنج بهترين ڪرڪيٽرز ۾ جاءِ ٺاهي چڪا آهن، انهن ۾ فضل محمود، مشتاق محمد، آصف اقبال، حنيف محمد، ماجدخان ، ظهير عباس، جاويد ميانداد، عمران خان، سليم ملڪ، وقاريونس، وسيم اڪرم،مشتاق احمد، سعيد انور،ثقلين مشتاق ۽ محمد يوسف شامل آهن.

2011۾ وزڊن ايڊيشن ۾ پنج ڪرڪيٽرز جي جاءِ تي چار رانديگرن کي شامل ڪيو ويو ۽ هڪ ڪرڪيٽر کي اهو اعزاز نه ڏنو ويو ۽ انتظاميه ان ڪرڪيٽرجو نالو کڻڻ بغير چيو هو ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل سبب هڪ پاڪستاني ڪرڪيٽر کي پنج بهترين ڪرڪيٽرز ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*