گوادر ۾ شرپسندن جو سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد 5 زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي گوادار واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، گوادر جي سنسر واري علائقي ۾ شرپسندن سڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي انڌا ڌند فائرنگ ڪئي ، جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي ذريعن موجب، شهيد ۽ زخمي اهلڪارن کي گوادار اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امدا ڏني پئي وڃي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز جي قافلي تي حملو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن سنسنر ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جو سرچ آپريشن شروع ٿيڻ واري هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*