سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ ۾ گدلاڻ واري ڪيس ۾ ناڻي ۽ پلاننگ وارا سيڪريٽريز توڙي واپڊا چيئرمين پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ ۾ گدلاڻ واري ڪيس ۾ ناڻي ۽ پلاننگ وارا سيڪريٽريز توڙي واپڊا چيئرمين پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آر بي او ڊي منصوبن تباهي مچائي زمينن کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي، آر او پلانٽس سياسي بنيادن تي لڳايا ويا، جن علائقن ۾ آر او پلانٽس جي ضرورت هئي، اهي اڃا تائين پاڻيءَ کان محروم آهن، عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿيو ته آفيسرن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ بئنچ منڇر ڍنڍ ۾ گدلاڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف سيڪريٽري پاران عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي حوالي سان رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

عدالت رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪامورن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي کي فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته آر بي او ڊي منصوبي تباهي پکيڙي، زمينن کي بنجر بڻايو ويو، ڪنهن کي به عدالت جو مذاق اڏائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

عدالت چيو ته منڇر ڍنڍ جي ڀرپاسي سمورا آر او پلانٽس سياسي بنيادن تي لڳايا ويا آهن، جن علائقن ۾ آر او پلانٽس جي ضرورت هئي، اتان جا رهواسي اڄ به پاڻيءَ کان محروم آهن.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ماڻهو مري رهيا آهن ۽ حڪومت اجلاسن ۾ مصروف آهي، ججز جي نگرانيءَ ۾ پلانٽس لڳايا وڃن ته جيئن معاملا شفاف رهن.

امير هاني مسلم چيو ته سنڌ جي 80 سيڪڙو منصوبن جي ڪير به سار سنڀال نٿي ٿئي، هڪ مڪينڪ کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لڳايو وڃي ٿو، ڪير به پڇڻ وارو نه آهي.

عدالت چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين پاڻ انهيءَ عهدي جي لائق نه آهي، ميرٽ تي ڪابه مقرري نٿي ٿئي ۽ نه ئي ميرٽ جي بنياد تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لڳايا وڃن.

چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ عدالت کي خاطري ڪرائي ته سٺا آفيسر مقرر ڪيا ويندا ۽ عدالت کي مطمئن پڻ ڪيو ويندو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته آفيسرن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*