ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر ۽ ارشد وهرا ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جو حلف کڻي ورتو

Waseem-Akhter-30816

ايم ڪيو ايم  جي وسيم اختر ۽ ارشد وهرا ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جو حلف کڻي ورتو آهي.

ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي حلف برداري تقريب ڪراچي جي باغ جناح پولو گرائونڊ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ وسيم اختر کي پوليس جي بڪتربند گاڏي جي ذريعي سينٽرل جيل مان پولو گرائونڊ آندو ويو.

تقريب ۾ ريٽرننگ آفيسر سميع صديقي وسيم اختر کي ڪراچي جي ميئر ۽ ارشد وهرا کي ڊپٽي ميئر طور حلف کڻايو.

حلف برداري جي تقريب ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجه اظهار ۽ ٻين سياسي توڙي اعليٰ سرڪاري شخصيتن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پوليس پاران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

واضح رهي ته وسيم اختر 12 مئي سميت مختلف ڪيسز ۾ جيل ۾ آهي ۽ ان جيل مان ئي ڪراچي جي ميئر جي چونڊ وڙهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*