سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي حلف برداري روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Faisal-Wada-30816

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي حلف برداري روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جيستائين ڪنهن کي سزا نٿي اچي سگهي، تيستائين نااهل ڪيئن ٿو قرار ڏئي سگهجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي حلف برداري روڪڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واڊا جي درخواست تي ٻـُڌڻي ڪئي.

 فيصل واڊا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وسيم اختر خلاف سنگين ڪيس آهن، تنهن ڪري سندس حلف برداري روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيستائين ڪنهن کي سزا نٿي اچي، تيستائين ڪنهن کي نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ وسيم اختر کي حلف برداري کان روڪڻ واري استدعا رد ڪندي وڪيل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي تياري سان دليل ڏنا وڃن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*