امريڪا ۽ ڀارت دفاعي سهڪار واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

defence-minister-Manohar-Parrikar-and-US-defence-secretary-30816

امريڪا ۽ ڀارت دفاعي سهڪار واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون، معاهدي تحت ٻئي ملڪ ضرورت پوڻ تي هڪ ٻئي جا فوجي اڏا استعمال ڪري سگهندا.

امريڪا- ڀارت دفاعي معاهدي جو اعلان امريڪا جي دوري تي پهتل ڀارتي دفاع واري وزير منوهر پاريڪر ۽ امريڪي هم منصب ايشٽن ڪارٽر جي ملاقات کانپوءِ گڏيل پڌرنامي ۾ جاري ڪيوويو.

پينٽاگون ۾ ٿيل ملاقات بعد جاري پڌرنامي موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو

معاهدي تحت امريڪا ۽ ڀارت ضرورت پوڻ تي هڪ ٻئي جا زميني، سامونڊي ۽ هوائي اڏا استعمال ڪري سگهندا، جيڪي رسد ۽ فوجي سامان جي مرمت جي ڪم ايندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*