نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سانگهڙ سانحي ڪيس ۾ ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻيا جوابدر پيش ٿيا

nawab

نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾ سانگهڙ سانحي ڪيس ۾ ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻيا جوابدر  پيش ٿيا، عدالت ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري  معذور غلام حيدر نظاماڻي جي درخواست منظور ڪندي کيس ٻڌڻي کان آجو ڪري ڇڏيو آهي.

 سانگهڙ سانحي واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ايم پي اي خليفو وريام فقيرخاصخيلي، اڳوڻو ايم پي اي علي غلام نظاماڻي، اڳوڻو ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ، ڪاشف نظاماڻي، وقار جٽ، دلبر خان نظاماڻي، ظفر ورياماڻي، واجد خان نظاماڻي،بچل فقير، معذور غلام حيدر نظاماڻي، غلام نبي ۽  ڪامران  خاص عدالت جي جج عنايت الله ميمڻ  آڏو پيش ٿيا.

دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته معذور غلام حيدر نظاماڻي پاران داخل ڪرايل درخواست منظور ڪندي عدالت کيس ٻڌڻي کان آجو ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*