خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار پيرسن عورت ۽ سندس نوجوان پٽ فوت ٿي ويا

khirpur road hadso

خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾  موٽر سائيڪل سوار پيرسن عورت ۽ سندس نوجوان پٽ فوت ٿي ويا،   صدمي ۾ فوتي نوجوان جي 10 ورهين جي پٽ صدمي ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي.

      فيض آباد ڪالوني جو رهواسي پرديسي اوڏ پنهنجي امڙ مسمات شمع اوڏ سان موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڪم سانگي سکر وڃي رهيو هو ته ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ٺيڙهي باءِ پاس وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ نوجوان پرديسي اوڏ ۽ سندس 55 سالن جي امڙ شمع اوڏ موقعي تي فوت ٿي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

  فوتي ماءُ پٽ جا لاش گهر آڻڻ تي  ڪهرام مچي ويو ۽ فوتي پرديسي اوڏ جو 10 سالن جو پٽ انيل اوڏ پيءُ ۽ ڏاڏي جي فوت ٿيڻ جو  صدمو نه سهندي فوت ٿي ويو  ويو، جنهن سبب گهر ۾ ماتم مچي ويو.

 خيرپور پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*