لاهور هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم تي پابندي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Lahore-High-Court-19816

لاهور هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم تي پابندي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن،

چيف جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بئنچ ايم ڪيو ايم تي پابندي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي تاريخ مقرر ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه 22 آگسٽ تي پاڪستان مخالف تقريرون ڪري ماڻهن ۾ نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

درخواستگذار ڄاڻايو ته رابطا ڪميٽي سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين عهديدارن ملڪ دشمن تقرير جي تائيد ڪئي، جيڪو عمل غداري جي زمري ۾ اچي ٿو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته 22 آگسٽ واري پاڪستان مخالف بيانن کانپوءِ مٿس غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*