وڏي وزير مراد علي شاهه سڀاڻي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي

Murad-Ali-Shah-25716

وڏي وزير مراد علي شاهه سڀاڻي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي، صوبي اندر امن امان جي صورتحال، جراڇي ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اهم فيصلن جو به امڪان آهي.

اسلام آباد ۾ موجود وڏي وزير مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ سان رابطو ڪري سڀاڻي 12هين وڳي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻيا اعليٰ آفيسر شرڪت ڪندا.

اجلاس دوران صوبي اندر امن امان جي صورتحال، ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

اجلاس دوران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان اهم فيصلن جو به امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*