شڪارپور ضلعي چيئرمين سميت ٽائونن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي اڳواڻي ۾ شڪارپور کان ڳڙهي خدابخش پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري آهي

Agha-Siraj-18-1

شڪارپور ضلعي چيئرمين سميت ٽائونن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي اڳواڻي ۾ شڪارپور کان ڳڙهي خدابخش پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري آهي، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر لاءِ جيل ۾ آفيس نه ٿي ٺاهي سگهجي.

شڪارپور ضلعي چيئرمين آغا مسيح الدين سميت ضلعي جي سمورن ميونسپل ۽ ٽائون چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن حلف کڻڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغاسراج دراني جي اڳواڻي ۾ قافلي جي صورت ۾ شڪارپور کان ڳڙهي خدابخش پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري.

ڳڙهي خدابخش ۽ شڪارپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني چيو ته الطاف حسين خلاف قرارداد آئي ته  هو ايون جي فيصلي موجب رولنگ ڏيندو.

 هن چيو ته   وسيم اختر تي ڪيس آهن ان بابت عدالتون ئي فيصلو ڪنديون، آئين ۾ کيس جيل اندر آفيس ٺاهي ڏيڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي، سندس جاءِ تي  ڊپٽي ميئر قانون موجب معاملا هلائي سگهي ٿو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪارپور جي ضلعي چيئرمين آغا مسيح الدين چيو ته شڪارپور ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين ڇاڪاڻ ته سڀني کيس بنا مقابلي چيئرمين چونڊرايو.

آغا مسيح الدين جو چوڻ هو ته  چيئلنجز گهڻا ۽ وسيلا ٿورا آهن، وٽس ڀلي اڳوڻن ناظمن جيترا اختيار نه هجن، هو عوام جي خدمت ڪندو.

پاورنه دل جي همت ۽ ڪم کپي.. روڊن ۽ رستن لاءِ سنڌ حڪومت کان خاص پيڪيچ ورتو ويندو

 قانون ۾ ڪابه گنجائش نه آهي ته  ميئر وسيم اختر کي جيل ۾ آفيس کولي ڏجي: آغا سراج دراني

  ڊپٽي ميئر ارشد وهرا ايڪٽنگ ميئر طور ڪندو….

غير قانوني اڏاوتون ڊهڻ گهرجن، سرڪاري پلاتن تي قبضن سبب ڊآهيون ويون….. فاروق ستار ۾ نه همت نه آهي جو متهده جو ڪنٽرول پان وٽ رکي گهي، متحد پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪري ڪري … وفاق متهد تي پانددي هڻي، اها ڪردار ادا نه پئي ڪري …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*