ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي سنڌ جي هڪ لک 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪندي 22 آگسٽ وارو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو

irsa ijlas

ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي سنڌ جي هڪ لک 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪندي 22 آگسٽ وارو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو، ارسا ترجمان چيو آهي ته ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، سنڌ کي مطالبي موجب پاڻي فراهم نٿو ڪري سگهجي.

اسلام آباد ۾ ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي آبپاشي سيڪريٽريز ۽ واپڊا عملدارن سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي هڪ لک 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ واري مطالبي تي ويچاريو ويو.

ڪميٽي ميمبرز بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌو درياهه سميت چئني درياهن ۾ پاڻي جو بحران آهي، تنهنڪري سنڌ کي مقرر ڪيل پاڻي کي ڏئي سگهجي ٿو.

ايڊوائيزري ڪميٽي سنڌ جي هڪ لک 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪندي 22 آگسٽ وارو فيصلو برقرار رکيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارسا ترجمان راڻا خالد ادريس چيو ته ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، سنڌ کي مطالبي موجب پاڻي فراهم نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته سنڌ جي مطالبي تي ويچارڻ لاءِ اهم اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ چئني صوبن جي ميمبرز کان راءِ ورتي وئي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*