پنجاب جَي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان 2018ع جي چونڊن ۾ ناڪامي کانپوءِ ساهراڻي گهر هليو ويندو

rana sana

پنجاب جَي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان 2018ع جي چونڊن ۾ ناڪامي کانپوءِ ساهراڻي گهر هليو ويندو، خان صاحب ناڪاري سياست مان جند ڇڏائي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته تحريڪ انصاف جي ڌرڻن واري سياست سبب پاڪستان ڳرو نقصان برداشت ڪري چڪو آهي.

هن چيو ته عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 2018ع جي عام چونڊن ۾ ناڪامي کانپوءِ ساهراڻي گهر هليو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان مخالف تقريرون ڪندڙ ڀوڳي رهيا آهن، وسيم اختر کي آئين موجب حلف کڻڻ کان نه روڪيو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*