وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي

pm ijlas

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ پاران ڪالعدم قرار ڏنل قانونن جي منظوري ۽ پنج رپين جي سڪي جي ڊيزائن تبديل ڪرڻ سميت 10 رپين جو سڪو جاري جي منظوري ڏيڻ جا امڪان آهن.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا  وزير شريڪ آهن.

ذريعن موجب اجلاس ۾ “وزيراعظم پائيدار ترقي ” وارو پروگرام منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، ان کان علاوه وفاقي ڪابينا پاران پنج رپين جي سڪي جي ڊيزائن تبديل ڪرڻ ۽ 10 رپين جو سڪو متعارف ڪرائڻ جي به منظوري ڏني  ويندي.

اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ پاران ڪالعدم قرار ڏنل ٽيڪس قانونن ۾ ترميم بابت آرڊيننس 2016 جي به منظوري ورتي ويندي، جڏهن ته پيٽروليم اگهن تي سيلز ٽيڪس جي شرح جو تعين به ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران ايم ڪيو ايم سربراهه خلاف ريفرنس برطانيه موڪلڻ واري معاملي تي به بريفنگ ڏيڻ جو امڪان آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*