سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم تي پابندي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن، متحده ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سميت ٻين کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم تي پابندي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن، متحده ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سميت ٻين کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ ايم ڪيو ايم تي پابندي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

مولوي اقبال حيدر طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾  استدعا ڪئي وئي ته متحده خلاف دهشتگردي ۽ سڪيورٽي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري پابندي لڳائي وڃي.

 عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ سرڪار، اليڪشن ڪميشن، ايم ڪيو ايم، ايم پيز ايز ۽ ايم اين ايز سميت ٻين کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*