اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب رهواسين ۾ خوف پيدا ٿي ويو

islamabad-map

اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب رهواسين ۾ خوف پيدا ٿي ويو.

زلزلو ماپيندڙ اداري موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 5 ڏهائي هڪ رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب زلزلي جا لوڏا 8 وڳي 22 منٽن تي محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي اونهائي 10 ڪلوميٽر ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز چين جو علائو سيچوان هو.

زلزلي کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو ۽ ماڻهو ڪلمه طيب جو ورد ڪندي پنهنجي گهرن کان  ٻاهر  نڪري آيا.

زلزلي سبب هيل تائين ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*