اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فهد سهراب ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدار نعمان کوکر جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي

fahad

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فهد سهراب ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدار نعمان کوکر جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي، اڳوڻي نگران وزيراعظم محمد ميان سومري جي ڀاڻج فهد سهراب ملڪ قتل ڪيس جي ٻـُڌڻي ڪئي.

پوليس جوابدار نعمان کي عدالت ۾ پيش ڪري ٻڌايو ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن ۽ جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، ان ڪري جوابدار جو رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت، پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدار نعمان کوکر جي رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻيءَ دوران جوابدار نعمان کوکر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل جو طبي معائنو ناهي ڪرايو ويو، ان ڪري عدالت کي استدعا آهي ته نعمان جو طبي معائنو ڪرايو وڃي.

عدالت، جوابدار جو طبي معائنو نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار جو طبي معائنو ڪرائڻ بعد ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*