بلوچستان جي علائقي گوادر ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

baloch-map

بلوچستان جي علائقي گوادر ويجهو  روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

گوادر ويجهو ڪوسٽل هاءِ وي تي تيز رفتار بس ۽ سامهون ايندڙ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي گوادر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار بس ڪراچي کان گوادر وڃي رهي هئي ته گوادر ويجهو ڪوسٽل هاءِ وي تي حادثو پيش  آيو.

پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي،  واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*