حقاني نيٽ ورڪ مان اڃا تائين وڏو خطرو موجود آهي، آمريڪا

Jan-Kerry-31816

آمريڪا چيو آهي ته حقاني نيٽ ورڪ مان اڃا تائين وڏو خطرو موجود آهي، افغانستان ۾ امريڪن ۽ ڪينڊا جي شهرين کي اغوا ڪيو ويو آهي، مغوين جي آزادي لاءِ افغانستان سان رابطي ۾ آهيون.

واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين انتهاپسندن سان جنگ جاري رهندي ۽ اتحادين سان رابطو جاري رهندوپاڪ افغان بارڊر تي انتهاپسندي جو وڏو خطرو موجود آهي .

آمريڪي پرڏيهي ترجمان جان ڪربي چيو ته حقاني نيٽ ورڪ بابت  پرڏيهي کاتي ۽ پيٽاگون جو موقف ساڳيو آهي ۽ پاڪستان سان حقاني نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ رابطي ۾ آهيون .

جان ڪربي چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ ڪينڊا جي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، مغوين جي آزادي  لاءِ افغانستان سان ڳالهيون جاري آهن ، انساني همدردي تحت مغوين کي آزاد ڪيو وڃي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*