ڪراچي جي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڀرتين تي پابندي باوجود 62 نيون ڀرتيون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

khi jinnah

ڪراچي جي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڀرتين تي پابندي باوجود 62 نيون ڀرتيون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 21هين گريڊ جا ڏهه پروفيسر، ويهِين گريڊ جا 15 ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 19هين گريڊ جا 37 اسسٽنٽ پروفيسر ڀرتي ڪيا ويا.

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طارق رفيع ڀرتين تي پابندي باوجود 62 من پسند ماڻهن کي پروفيسر، ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ اسٽنٽ پروفيسر طور ڀرتي ڪري ڇڏيو.

ڀرتي ڪيلن ۾ 21هين گريڊ 10 پروفيسرز، 20هين گريڊ جي 15 ايسوسيئيٽ پروفيسرز ۽ 19هين گريڊ جي 37 اسسٽنٽ پروفيسرز شامل آهن.

جناح اسپتال جي آرٿوپيڊڪ سرجن پروفيسر آر اي جمال،  چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ کي خط لکي غير قانوني ڀرتين جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو.

قانون واري صوبائي وزارت به چيف سيڪريٽري کي خط لکي چيو آهي ته اشتهارن ۾ ڀرتيون سنڌ جي ڪوٽا تي ڪرڻ واري اعلان باوجود ڀرتيون پنجاب، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان جي ڊوميسائل تي ڪيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*