انگلينڊ لڳاتار ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 169 رنز تان شڪست ڏئي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز تان ون ڊي سريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

EngVs-pak-31816

انگلينڊ لڳاتار ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 169 رنز تان شڪست ڏئي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز تان  ون ڊي سريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

 پاڪستان جي سڄي ٽيم انگلينڊ جو 445  رنز وارو جبل جيڏو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ شروع کان مشڪلاتن جو شڪار نظر آئي ۽ پوري ٽيم 42 هين اوور جي چوٿين بال رڳو 275 رنز ٺاهي ڍير ٿي وئي. انگلينڊ جي رانديگر ووڪس 5 اوورن ۾ 41 رنز ڏئي پاڪستان جي 4 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو ۽ ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ان کان اڳ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ڪارائتو ثابت ٿيو، انگلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورز ۾ صرف ٽن وڪيٽن جي نقصان سان 444 رنز اسڪور ڪيون، جن ۾ ايلڪس هيلز جون 171، جوز بٽلر جون 90، جو روٽ جون 85 ۽ مورگن جون 57 رنز شامل هيون.

پاڪ_انگلينڊ سيريز جي ٽئين رڪارڊ ون ڊي ميچ ۾ ڪيترائي رڪارڊ ٽٽا ۽ ڪيترائي نوا رڪارڊ به قائم ٿيا، انگلينڊ ون ڊي ميچ ۾ سڀ کان وڏو مجموعي اسڪور 444 ٺاهيو، جيڪو ون ڊي ميچز ۾ ٺهندڙ ڪنهن به ٽيم خلاف سڀ کان وڏو اسڪور آهي.

انگلينڊ جي بيٽسمين ايلڪس هيلز به پاڪستان خلاف رڪارڊ ساز اننگ کيڏي، هن 171 رنز جي انفرادي اننگ ۾ 4 ڇڪا ۽ 22 چوڪا شامل آهن، انگلينڊ طرفان ڪنهن به بيٽسمين جو هي پهريون وڏو اسڪور آهي، ان کان اڳ رابن اسمٿ وٽ انگلينڊ طرفان سڀ کان وڏو 167 رنز ٺاهڻ جو اعزاز هو.

پاڪ_انگلينڊ ون ڊي سيريز ۾ پاڪستاني بالر وهاب رياض به هڪ تاريخ لکرائي، هو پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ رنز ڏيڻ وارو بالر بڻجي ويو آهي، هن 10 اوورز ۾ 110 رنز ڏنيون، جن ۾ 4 ڇڪا ۽ 12 چوڪا شامل آهن، پر هڪ به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو. پاڪستان طرفان حسن علي 2 ۽ محمد نواز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 انگلينڊ طرفان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي بدترين شڪست کانپوءِ ڪرڪيٽ جي مداحن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، قومي ٽيم جي اڳوڻڻ راندايگرن جو چوڻ آهي ته نون رانديگرن کي اڳتي آڻي پراڻڻ رانديگرن کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي، جيستائين ائين نه ڪيو ويندو، قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري نه ايندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*