پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽآر الرائونڊر وسيم اڪرم چيو آهي ته انگلينڊ جي ٽيم پاڪستاني ٽيم کي ماريو گهٽ گهليو وڌيڪ آهي

Wasim-Akram-31816

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽآر الرائونڊر وسيم اڪرم چيو آهي ته انگلينڊ جي ٽيم پاڪستاني ٽيم کي ماريو گهٽ گهليو وڌيڪ آهي.

انگلينڊ جي شهر ناٽنگهم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو ته اوپنر احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي آخري موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي.

وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته دنيا جي اڪثر ٽيمن جا ڪپتان هر ٻي ميچ ۾ سٺي پرفارمنس جو مظاهرو ڪندا آهن،جڏهن ته اظهر علي تمام گهڻو مايوس ڪيو.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪتپان چيو ته انگلش ٽيم ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظآهرو ڪري ٽيم کي آئوٽ ڪلاس ڪيو.

وسيم اڪرم جو وڌيڪ چوڻ ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*