قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته ايلڪس هيلز ۽جوز بٽلر جي شاندار بيٽنگ سبب قومي ٽيم کي شڪست نصيب ٿي

Azhar-Ali-31816

قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته ايلڪس هيلز ۽جوز بٽلر جي شاندار بيٽنگ سبب قومي ٽيم کي شڪست نصيب ٿي.

انگلينڊ جي شهر ناٽنگهم ۾ کيڏي ويل ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ شڪست بعد قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ميچ ۾ فيلڊرز بالرز جو ساٿ نه ڏنو.

هن وڌيڪ چيو ته اهڙي وڪيٽ تي جيڪڏهن بالرز کي شروع ۾ وڪيٽ نه ملي ته رنز روڪڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.

آظهر علي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم بهتر ڪارڪردگي جومظّاهرو ڪري رهي آهي ،جڏهن ته گذريل ٻن سالن کان ون ڊي ٽيم جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي نه رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*