سـُپريم ڪورٽ ڪوئيٽا سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ٻڌڻي لاءِ 20 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي

SupremeCourt-7-7-15

سـُپريم ڪورٽ ڪوئيٽا سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ٻڌڻي لاءِ 20 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، عدالت اسلام آباد ۾ قتل ٿيل بئريسٽر فهد سهراب ملڪ واري معاملي جو به پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پاڪستان بار ڪائونسل سميت ٻين وڪيل تنظيمن ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي کي ڪوئيٽا سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ خط لکيو هو.

ذريعن موجب، چيف جسٽس ان خط کي پاڻمرادي نوٽيس ۾ تبديل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي لاءِ 20 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.

 چيف جسٽس انور ظهير جمالي پاران اسلام آباد ۾ قتل ٿيل سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين محمد ميان سومري جي ڀاڻج فهد سهراب ملڪ قتل ڪيس جو به پاڻمرادو نوٽيس آءِ جي اسلام آباد کان هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪئي آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*