وڏي وزير مراد علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل کي فيز ٿِري ۾ 6 هزار نوان گهر تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Murad-Ali-Shah-Cabnet-9816

وڏي وزير مراد علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل کي فيز ٿِري ۾ 6 هزار نوان گهر تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير چيو آهي ته هائوسنگ سيل کي وڌيڪ موثر بڻائي هر ضلعي اندر غريبن کي اجها فراهم ڪيا ويندا.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران انتظاميا پاران هائوسنگ سيل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته هــُو هائوسنگ سيل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ چاهي ٿو، شهيد بينظير ڀٽو جو هر غريب کي پنهنجو اجهو وارو خواب پورو ڪيو ويندو.

وڏي وزير شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل کي فيز ٿِري ۾ 6 هزار گهر بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هر ضلعي اندر غريبن ماڻهن لاءِ گهر تعمير ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*