سنڌ هاءِ ڪورٽ مرتضيٰ وهاب کي قانون بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪندي 23 سيپٽمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

murtaza wahab

سنڌ هاءِ ڪورٽ مرتضيٰ وهاب کي قانون بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪندي 23 سيپٽمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ايڊووڪيٽ جنرل ئي قانون بابت صلاحڪار آهي، ان هوندي ڪنهن ٻئي صلاحڪار جي ڪهڙي ضرورت آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ مرتضيٰ وهاب کي سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار بڻائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مرتضيٰ وهاب صلاحڪار مقرر هئڻ ڪري ججز جي اپائنٽمينٽ لاءِ جوڙيل جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ لا ڪاليجز جي بورڊ آف گورننس جو چيئرمين به بڻيل آهي.

سنڌ سرڪار پاران مقرر ڪيل وڪيل مخدوم علي خان عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري، جنهن تي درخواسگذار چيو ته سنڌ سرڪار کي اڳ ئي گهڻو وقت ڏنو ويو آهي.

سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته وفاق ۾ به صلاحڪار مقرر ٿيل آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ به صلاحڪار مقرر ڪرڻ آئين موجب آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل ئي قانون بابت صلاحڪار آهي، ان هوندي ڪنهن ٻئي کي صلاحڪار بڻائڻ جي ڪهڙي ضرورت ٿي سگهي ٿي.

عدالت سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪندي 23 سيپٽمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*