ڪو به شخص جيل ۾ ويهي قانوني معاملا نٿو ڏسي سگهي، هي انتهائي اهم معاملو آهي،جسٽس آصف سعيد کوسا

Waseem-Supreme-31816

سپريم ڪورٽ، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر بابت داخل درخواست ۾ ترميم جي اجازت ڏئي ڇڏي، جسٽس آصف سعيد کوسا رماڪس ۾ چيو آهي ته ڪو به شخص جيل ۾ ويهي قانوني معاملا نٿو ڏسي سگهي، هي انتهائي اهم معاملو آهي، قانوني رخن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي حلف کڻڻ کان روڪڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته هي درخواست وسيم اختر کي حلف کڻڻ کان روڪڻ لاءِ هئي، پر ڪراچي جي ميئر حلف کڻي ورتو آهي، تنهنڪري درخواست ۾ ترميم جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت، درخواستگذار کي ترميم جي اجازت ڏيندي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي هدايت ڪئي ته نئين درخواست اچڻ کانپوءِ فوري طور ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي.

جسٽس آصف سعيد کوسا رماڪس ۾ چيو ته ڪو به شخص جيل ۾ ويهي قانوني معاملا نٿو ڏسي سگهي، هي انتهائي اهم معاملو آهي، قانوني رخن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*