ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميڊيا هائوسز تي حملي ڪيس ۾ گرفتار متحده جي ٽن عورت ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪندي

sindh highi court

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميڊيا هائوسز تي حملي ڪيس ۾ گرفتار متحده جي ٽن عورت ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ هنگامي واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٽن عورت ڪارڪنن رابعا، سندس ڌيءَ عيني ۽ سميرا جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ايم ڪيو ايم جي ٽنهي عورت ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين سيپٽمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ٽنهي عورتن تي ملڪ دشمن تقرير ۾ سهولتڪاري، ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ هنگامي جو ڪيس داخل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*