سپريم ڪورٽ، 8 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس نيب، سنڌ پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ غير قانوني مقررين ۽ ڀرتين بابت 14 پاڻمرادا نوٽيس ورتا

anwer zaheer cj

سپريم ڪورٽ، 8 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس نيب، سنڌ پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ غير قانوني مقررين ۽ ڀرتين بابت 14 پاڻمرادا نوٽيس ورتا، پهرين جنوري کان 24 آگسٽ تائين 14 هزار کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيا آهن.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار موجب، چيف جسٽس انور ظهير جمالي اٺن مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ ڪيس اڪلائڻ واري رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

رپورٽ موجب، انساني حقن بابت 19هزار 2 سئو 53 درخواستون داخل ڪيو ويون، جن مان اڪثر درخواستون اڪلايون ويون آهن.

رجسٽرار موجب، پهرين جنوري 2016 کان24 آگسٽ 2016 تائين 566 ڪيس داخل ٿيا آهن، جن مان اڪثر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.

رجسٽرار موجب، چيف جسٽس هيل تائين 14 پاڻمرادا نوٽيس ورتا آهن، جن ۾ نيب، سنڌ پوليس ۽ صحت کاتي ۾ غير قانوني مقررين ۽ ڀرتين سميت ايف آءِ اي  ۾ آفيسرن جي ڊيپوٽيشن تي مقررين وارا نوٽيس شامل آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيف جسٽس اي او بي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل پاران وڪيلن کي 5 ڪروڙ رپين جي ادائيگي، ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ مارگلا جي پهاڙن تي ڪرشنگ مافيا خلاف به پاڻمرادا نوٽيس ورتا آهن، جيڪي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن…………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*